عالم پناهه/ شهر پناهه

عالم پناهه/ شهر پناهه

عالم پناهه شهر پناهه

عالم پناهه/ شهر پناهه: عالم پناهه يا شهر پناهه جو مطلب پراڻي دؤر ۾ بادشاهه پنهنجي مرڪزي شهرن جي چوڌاري مضبوط ڀتيون کڻائي شهرن کي محفوظ ڪندا هئا. سنڌ جي تاريخ مان خبر پوي ٿي ته قديم دؤر کان وٺي سومرن، سمن ۽ ارغونن جي دؤر تائين سنڌ جي ڪنهن شهر کي عالم پناهه ڪا نه هئي، جڏهن 963هه/ 1556ع پورچوگيز ميرزا عيسيٰ بيگ ترخان اول جي غير موجودگيءَ ۾ ٺٽي شهر تي حملو ڪري لٽي ڦري، خون خرابو ڪري ۽ ساڙي ويا. تڏهن ميرزا عيسيٰ کي شهر پناهه ٺهرائڻ جو خيال آيو. هن شهر کي عالم پناهه ڏياري، شهر کي محفوظ ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو